حيدرآباد – 13 8211; آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جو 75 هون آز??دي ڏهاڙو اڄ 14 آگسٽ تي ڀرپور قومي جذبي سان ملهايو ويندو، ملڪ جي ٻين شهرن ??ان??ر حيدرآباد ۾ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. شهر ۾ جڳهه جڳهه تي قومي جهنڊن جي بهار آهي جڏهن ته نوجوان ۽ ٻارن جو جوش ڏسڻ جهڙو آهي، ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون. آز??دي جي ڏهاڙي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ پرچم ??شائي جي مرڪزي تقريب صبح 7 لڳي 45 منٽن تي ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد سيد پير مح??د شاهه، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو سميت صوبائي ۽ وفاقي ادارن جا اعليٰ آفيسر، ملازم ۽ شهري به شرڪت ڪندا، جشن آز??دي جي سلسلي ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ اڳ کان ئي تقريبن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.