اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي خالد حميد فاروقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته سينيئر صحافي خالد هميد فاروقي جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، خالد حميد فاروقي سنجيده طبيعت ۽ اعليٰ صحافتي معيار رکندڙ صحافي هو، هو يورپ مان پاڪستاني صحافي طور مشهور هو، تازي يوڪرين جنگ ۾ به هن هڪ نئين صحافتي تاريخ لکي هئي. هن ??يو ته مرحوم هڪ تمام سٺو ۽ محنتي انسان، قابل ۽ باخبر صحافي هو. اطلاعات واري وفاقي ??ريم اورنگزيب وزير خالد حميد فاروقي ??رحوم جي صحافتي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.