اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد ش??زاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغ??م ۾ سعودي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعا??ن جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آئون ولي عهد ش??زاده محمد بن سلمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي ج?? لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان، ولي عهد ش??زاده محمد بن سلمان ۽ سلطنت سعودي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل عرب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل عرب امارات جي دوري دوران ولي عهد ش??زاده محمد بن زيد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي ج??هن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري ج?? تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.