اسلام ??باد – 09 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب هلائي ويندي جڏهن ته ايوان ۾ بي اعتمادي جي پٺيان پرڏيهي سازش جي حوا??ي سان موقف پيش ڪرڻ لازمي آهي. قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف پاران اٿاريل نقطن ??ي هن چيو ته مون سپريم ڪورٽ جو فيصلو تفصيل سان پڙهيو آهي ۽ انهي موجب ايوان جي ڪارروائي هلائيندس.