اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ??ه واپار کي فروغ ڏيڻ ل??ءِ نئين منڊين جي ڳولا ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اسپيڪر جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي افغانستان بابت ايلچي صادق خان وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ايوب آفريدي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڪريم خان، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين، ڪامرس سيڪريٽري ۽ انڊسٽري واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ واپار، افغا?? ٽرانزنٽ ٽريڊ ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر اسد قيصر ان موقعي تي چيو ته وچ ايشيائي رياستون وڏيون واپاري منڊيون آهن، جنهن تائين پهچ لاءِ ڪي پي ڪي، افغانستان گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته واپاري خساري کي گهٽ ڪرڻ ل??ءِ نئين منڊين جي ڳولا ضروري آهي، مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ۽ ٻاهرين واپار کي فروغ ڏيڻ ل??ءِ اڳوڻي فاٽا ۽ پاڪ افغان باڊر کي اڪنامڪ زون قائم ڪيا وڃن، اسد قيصر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڳوڻي فاٽا جي ضم ٿيل ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ٻاهرين واپار جي فروغ لاءِ خصوصي ٽيڪينڪل گروپ جوڙيا وڃن، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فري ٽريڊ معاهدي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻاهرين واپار جي فروغ جا سڀني کان وڌيڪ موقعا موجود آهن. جنهن ??ان واپاري سرگرمين ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهندو آهي، هن هدايت ڪئي ته واپاري سرگرمين ۾ ڪنهن به صورت ۾ رڪاوٽ نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته ا??ان کي ٽرانزٽ ٽريڊ جي مصنوعات جي پيداوار شروع ڪرڻي آهي ??ن حوالي ??ان افغان سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، ا??ان وٽ پيداور جي گهٽتائي آهي ??نهن ڪري ا??ان کي پنهنجي پيداوار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ا??ان انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين پهچ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستاني مصنوعات کي عالمي سطح تائين متعارف ڪرايو وڃي. ملڪ ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافي ??ان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو.