اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين دينه ۾ لاهور جي نجي اسڪول جي ٽرپ ڪوسٽر کي پيش ايندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻ??رن سان پيش ايندڙ واقعو افسوسناڪ آهي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٽيچر ۽ شاگردن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري ??فاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا درجا بل??د ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن حادثي ۾ زخ??ين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.