تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي وفد سان گڏ ٻ?? ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پا??ستان ۾ ايران جي سف??ر محمد علي حسيني، ايران ۾ مقرر پا??ستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي ايران جي دوري دوران ايراني هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سميت ايراني قيادت سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير 27 آڪٽوبر 2021ع تي تهران ۾ منعقد افغانستان جي پا??يسري ملڪن جي ٻي وزارتي اجلاس ۾ پا??ستان جي نمائندگي ڪندي علائقائي صورتحال جي حوالي سان پا??ستان جو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير ايران جي دوري دوران ميڊيا نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پا??ستان جو موقف پيش ڪندو.