اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽيلينا جارجيوا خط موڪليو آهي ??نه?? ۾ افغانستان مان پنهنجي اسٽاف ۽ ان جي وارثن جي وا??سي جي حوالي سان مثبت ڪردار تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر افغانستان مان وا??سي جي حوالي سان پاڪستان جي اهم ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انتهائي مشڪل وقت ۾ افغانستان مان آءِ ايم ايف اسٽاف ۽ سندس خاندانن جي حفاظت سان وا??سي تي دل جي گهراين سان شڪر ??ذار آهيان، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽيلينا جارجيوا وزيراعظم جي نالي خط ۾ پرڏيهي وزير، ناڻي واري وزير، دفاع واري وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي به ساراهيو آهي. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ وا??سي جي حوالي سان پاڪستان پاران اعليٰ سطح تي ڪيل ڪوششون اهم اهميت رکندڙ آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پارٽنرشپ تي ٿورائتا آهيون ۽ ان تعاون جي تسلسل جا خواهشمند آهيون، ڪرسٽيلينا جارجيوا وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.