??سل??م آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) برطانوي وزيراعظم ??ور?? جانسن وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سمورن افغانين جو ??حفظ، سلامتي ۽ حقن جو ??حترام يقيني بڻائڻ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ هڪ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان افغانستان مان سفارتي، ع??لم?? ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان رابطن ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻطرفي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان پاڪستان پاران ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ کنيل وسيع قدمن تي روشني وڌي ۽ چيو ته لاڳاپيل ڊيٽا برطانيا سان شيئر ڪئي وئي هئي. وزيراعظم ??ور?? جانسن کان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو مطالب?? پڻ ڪيو آهي.