ڪوئيٽا – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايئرپورٽ روڊ ڪوئيٽا تي ع??ام?? اسپورٽس ڪمپليڪس جو دورو ڪيو. بلوچستان جي اسپور??س واري سيڪريٽري عمران گچڪي پراجيڪٽ تي تفيصلي بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ قائم فٽبال ڪورٽ، ??وگنگ ٽريڪ، فٽنيس جيم، اسڪوائش ڪورٽ ۽ ٻين سيڪش?? جو به دورو ڪيو، بريفنگ دوران صدر کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي تعمير جنوري 2020ع ۾ شروع ٿي ۽ ڊسمبر ۾ مڪمل ٿي، اسپورٽس ڪمپليڪس پراجيڪٽ کي 171 ملين روپين سان مڪمل ڪيو ويو آهي. صدر منصوبي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اي پي پي/ر – م/ش – چ 13:46