اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ساموندي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته نئين شپنگ پاليسي سيڙپڪارن جي لاءِ بهترين آهي جنهن ۾ سڀني جي لاءِ آساني هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿي رهي آ??ي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار هوندو آهي. ميري ٽائيم شعبي ?? تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت آهي. ماڻهن کي بليو اڪانومي ۽ ان بابت سمجهڻ وڏو چئلينج آهي. علي زيدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته دبئي، ملائيشيا سميت سڄي دنيا ۾ جزيرا ترقي جي لاءِ استعمال ٿين ٿا. گوادر ٽرانسشپمينٽ جي لاءِ آئيڊيل تصور ڪيو وڃي ٿو منسٽري آ?? ميري ٽائيم ۽ ڪامرس جي وچ ۾ ڪجهه معاملا هلي رهيا آهن جلد ان حوال?? س??ن آگاهه ڪيو ويندو. نئين شپنگ پاليسي انويسٽرز جي لاءِ بهترين آهي اسان شپنگ پاليسي ۾ ترميمون اهڙي طرح ڪيون آهن جو سڀني کي آساني ٿئي. شپنگ پاليسي جي لاءِ اسان پنهنجو پرپوزل موڪلي ڇڏيو آهي جلد ئي ان تي ڪا سٺي خبر ملندي.