اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترجيحي شعبن جي هفتيوار جائزي جي سلسلي ۾ زراعت جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي پائيدار ت??قي واري پاليسي انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ٺاهيل فوڊ سيڪيورٽي ??يش بورڊ تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ??يش بورڊ کي فني طور تي مڪم?? ڪري فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ??يش بورڊ جي مدد سان فيصلا سازي لاءِ گ??ربل ڊيٽا کي حاص?? ڪرڻ کي صوبن جي مدد سان يقيني بڻايو پيو وڃي، ان جي لاءِ صوبن جي لاڳاپيل کاتن جي صلاحيت وڌائي پئي وڃي، اهو به ٻڌايو ويو ته ڊيٽا حاص?? ڪرڻ نجي ۽ سرڪاري ذريعن کان يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ??يش بورڊ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ کانسواءِ گ??ٽ مدي واري جنسن جهڙوڪ ڀاڄين جي کپت ۽ دستيابي جي نگراني به ڪئي ويندي.