اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ جرم تي ڌيان بدران افراتفري ۽ غير يقيني وڌائڻ چاهي ٿي، سنڌ جو وڏو وزير به مڃي رهيو آهي ته ??تي غلط ڪيو ويو آهي، ائين ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ بدران الٽو سياست ڪئي پئي وڃي، اتي هڪ نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت آه??، توهان نتيجن جي پرواهه ڪري رهيا آهيو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته ??سان پارليامينٽ ۾ ويٺل آهيون ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ??هڙي پارٽي جنهن قائداعظم جي نالي تي پنهنجو نالو رکيو آهي، ان جي اڳواڻ جي ناٺي قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي ڪئي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪيو جنهن کي پ??پلزپارٽي جو وزير اعليٰ به مڃي رهيو آهي ته ??لط ڪيو آهي جنهن تي ان جي خلاف ڪيس ٺهي ٿو، جرم تي ڌيان بدران ۽ اهو ڏسڻ بدران ته ??ن کي ڪهڙِي سزا ملڻ گهرجي ته ??ن اهڙو رويو اختيار ڪيو ۽ هُل هنگام?? ڪيو، الٽو مخالف ڌر سياست ڪري رهي آهي.