اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته ڪورونا وبا جي ڪيسن ۾ اضافي جي ڏس ۾ احتياطي ضابطه ڪار تي سختي سان عمل ڪري، ان وبا تي ڪافي حد تا??ين ضابطو آڻي ورتو آهي جڏهن ته ان تي مڪمل ضابطو آڻڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل لازمي آهي، حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ما??هن کي بيروزگاري کان بچائي موثر طريقي سان وبا جو مقابلو ڪيو. اهڙن خي??لن جو اظهار هن پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ ڪيو.