اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي ۾ حڪومتي مراعاتي پئڪيج جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ ??رگ??مين ۽ مختلف ها??وس??گ منصوبن جي تعمير جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وز??ر محمد حماد اظهر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وز??ر سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري وفاقي وز??ر شيخ رشيد احمد، اطلاعات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، نئون پاڪستان ها??وس??گ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪاروباري برادري جي نمائندگي ناليواري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب ڪري رهيو هو. وز??راعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي. ڪورونا جي ڪري نه رڳو علائقائي پر سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي پر حڪومت جي بهتر حڪمت عملي جي ڪري جتي ڪورونا جي نقصانن کي هر ممڪن حد تائين روڪيو ويو اتي ڪورونا ۾ گهٽتائي آڻڻ کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي ??رگ??ميون وڌي رهيون آهن. ان حوالي سان عارف حبيب فرٽيلائيزرز، اسٽيل جي شعبي، ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين شعبن ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ سامهون ايندڙ بهتري بابت وز??راعظم کي بريف ڪيو. عارف حبيب ڪاروباري برادري ۽ خاص طور تي تعميراتي شعبي سان واڳيل ??مپ??ين ۽ سيڙپڪارن جي نمائندگي ڪندي حڪومت پاران مراعاتي پئڪيج، سهولتڪاري ۽ نظام کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان وز??راعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت پاران تعميرات جي شعبي ۾ تاريخي مراعتن ۽ سهولتڪاري سان ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.