اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مهانگائي، ??لاوٽ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن ٿيو جنهن ۾ صوبن وزيراعظ?? کي ضروري شين جي دستيابي بابت بريفنگ ڏني، ??زيراعظم عمران خان صوبائي حڪومتن کي ملاوٽ ڪندڙ عنصرن جي خلاف ف??ري ڪارروائي، ??وري طور تي پرائس مانيٽرنگ، نيشنل ڊيمانڊ اينڊ سپلاءِ سيل ۽ بلوچستان ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پارليامينٽ ??ائ??س ٻاهران صحافين سان ڳال??ائ??ندي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مهانگائي، ??لاوٽ ڪندڙن ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو ورتو ويو.