اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان جي هدايت تي مختلف وزارتن ۽ کاتن پاران عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل مختلف قدمن جي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي آهي ج??هن ته وزيراعظ?? عمران خان سمورن وزيرن، صلاحڪ??رن ۽ خصوصي معاونن کي هدايت ڪئي آهي ته عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ نوان قدم تجويز ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪيترائي معاملا اهڙا آهن جن تي ڪو خرچ ڪرڻ کانسواءِ رڳو ان??ظامي قدمن سان عوام کي سهولت پهچائي سگهجي ٿي. رپورٽ ۾ مختلف وزارتن ۽ کاتن پاران عوامي ڀلائي جي حوالي سان هيستائين 64 نون قدمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.