اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 2013ع جو انڌيرن ۾ ورتل پاڪستان اڄ روشن آهي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ٿي رهيو آهي، اسان سڀ پاڪستاني آهيون، اسان کي ان تي فخر آ??ي، قائداعظم محمد علي جناح جو مقصد هو پاڪستان هڪ پرامن ۽ جمهوري ملڪ بڻجي اڀري، قائداعظم جي ويزن جي پڄاڻي لاءِ اسان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته هر پاڪستاني آئين پڙهندو، اڄوڪي ڏينهن تي هي ڳالهه اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف گذريل چار سال پاڪستاني قوم ۽ نوجوانن لاءِ ڪم ڪيو، محمد نواز شريف ج?? ويزن ??حت ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون، توانائي جا منصوبا ٺاهيا ويا ۽ سي پيڪ ??حت پاڪستان ۾ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري جي ذريعي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي، 90ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف انفراسٽرڪچر جي ترقي جو ويزن ڏٺو اڄ انهي ??حت پاڪ چين اقتصادي لنگهه جا منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن. هن اها ڳالهه آزادي جي ڏهاڙي جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان ٽيلي ويزن هيڊڪوارٽر ۾ خصوصي تقريب ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب ۾ چئي.