راولپنڊي-10 جون(اي پي پي) لڪي مروت ضلعي ۾ بارودي سنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ??يج?? محمد نذير، لانس نائيڪ محمد انور، لانس نائيڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جنازي نم??ز بنون ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نم??ز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، حاضر سروس آفيسرن، جوانن ۽ عوام ??رڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جا مڙهه اباڻي علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا جتي کين مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت ک?? ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر شهيدن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون.