اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ويئر هائوس ۽ لاجسٽڪس کي انڊسٽري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪندي ان حوال?? سان سموريون ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته معيشت بحالي جي پٽڙي تي گامزن آهي، وڌيڪ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ مختلف صنعتي ۽ ڪاروباري ايسوسيئيشنز ج?? نمائندن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ويئر هائوس ۽ لاجسٽڪس کي انڊسٽري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان حوال?? سان سموريون ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته معيشت بحالي جي پٽڙي تي گامزن آهي، وڌيڪ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، معيشت کي مڪمل طو?? تي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن تي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ۾ مقامي سيڙپڪاري وڌندي تڏهن ئي ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي چين جي ايندڙ دوري دوران چيني انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏ??ندس، حڪومت ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي حوال?? سان ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، حڪومتي پاليسين سان ناڻي و??ڌ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. محمد شهباز شريف چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ متبادل توانائي خاص طو?? تي شمسي توانائي جي نئين منصوبن جي حوصلا افزائي ڪنداسين، ٽن وڏن ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ تي ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي، قومي خزاني کي اربين رپين جي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ سواءِ ڪجهه اسٽريٽجڪ رياستي ملڪيتي ادارن جي باقي سمورن ايس او ايز ج?? نجڪاري ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري جي بهتر واڌويجهه خوش آئنده آهي، ٻاهرئين ملڪ مقرر ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي پئي وڃي. وزيراعظم وفد کي انهن جي سمورن جائز مطالبن ۽ مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم وفاقي و??يرن کي سمورن صنعتي شعبن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ڪاروباري برادري و??يراعظم پاران مختلف فورمز تي التوا هيٺ انهن جي پراڻي مطالبن کي پورو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد خاطري ڪرائي ته ڪاروباري برادري معيشت جي بهتري ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي جي حوال?? سان حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏيندي. ملاقات ۾ واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي و??ير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين، مملڪتي و??ير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.