شينزن – 05 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت سي پيڪ ۾ ??ڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، شينزن ۾ بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. اها ڳالهه هن صحافي?? سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سي پيڪ جي اندر ??ڪ نئين جدت کڻي آيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا ??ڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن جيڪو پاڪستاني معيشت جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته شينزن ۾ بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس ۾ 500 کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ شينزن جي ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي، بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. هن ٻڌايو ته هتي موبائيل فون مينوفيڪچرن?? پلانٽ جي اونر سان پڻ ملاقات ٿي آهي، سندس فيڪٽري پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي، اهي پاڪستان مان ايڪسپورٽ ڪندا جڏهن ته اليڪٽرانڪ وهيڪلز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ چيني قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو، انشاءَ الله انهن قدم?? سان پاڪستان ترقي ڪندو.