اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سرڪاري شعبي جي ترقياتي پ??وگرام (پي ايس ڊي پي) جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار ت??قي رکندڙ منصوبا آندا وڃن، سمورن وڏن قومي ترقياتي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن لازمي ٿيندي، ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان ??نصوبابندي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا پي ايس ڊي پي پ??وگرامز جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويزون جوڙي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ منصوبابندي واري وزارت ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي معاملن تي اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ اهڙا منصوبا آندا وڃن جنهن سان ??لڪ جي پ??ئيدار ت??قي ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن وڏن قومي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي. هن وزيراعظم جي ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اها ڪميٽي پي ايس ڊي پي پ??وگرام جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويزون جوڙيندي. وزيراعظم پي ايس ڊي پي پ??وگرامز ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پ??وگرام جي حوالي سان ??فاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي ۽ رابطا بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي پ??لڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.