اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي م??مو??ي ۽ سياسي صورتحال ۽ بلوچستان جي مختلف ترقياتي منصوبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??را??ظم چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عث??ان باديني ۽ نور عالم خان پڻ مو??ود هئا.