بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار من ميٽلز جي نائب صدر ۽ چين جي ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن جي چيئرمين چين جانگوينگ سان ڪالهه سومر ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران هن بلوچستان ?? کاڻين جي کوٽائي جي ??هم منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ من ميٽلز ۽ ايم سي سي جي ??عاون کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تيزور ڏنو ته پاڪستان ان چين کي ٽامي جي ??رآمدات 2022ع ۾ تيزي سان وڌي 1.22 ارب ڊالر تائين پهچي وئي ??هي جيڪا 2018ع ۾ 132 ملين ڊالر هئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيني ڪمپنين کي بلوچستان ?? پروسيسنگ پلانٽ لڳائڻ جي ??عوت پڻ ڏني ته جيئن ملڪي کپت ۽ چين کي برآمدات جي لاءِ ويليو ايڊيڊ معدني مصنوعات تيار ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي نجي ??دارن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس تعاون کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته سي پي اي سي من ميٽلز ۽ ايم سي سي کي جديد ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر تائين پهچ فراهم ڪري ٿو ته جيئن لاجسٽڪ ڪارڪردگي کي وڌائي ۽ خام مال سميت تيار مصنوعات جي لاءِ چرپر جي ??رچن کي گهٽ ڪري سگهجي.