اسلام آباد – 27 ?? مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا پهاڙين تي لڳل باهه کي جلد اجهائڻ جي لاء?? سمورن وس??لن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي مارگلا جي پهاڙين تي لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هيليڪاپٽ??ز کي باهه اجهائڻ جي آپريشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، باهه تي جلد کان جلد ضابطو يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه به يقيني بڻائي وڃي ته باهه سان ڪنهن انساني جان کي نقصان نه پهچي، جيتري قدر ٿي سگهي جهنگلي جيوت جو ت??فظ پڻ يقيني بڻايو وڃي.