اسلام آباد ?? 26 ??? اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بلوچستان ۾ منشيات جي خاتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ ۽ افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جي مدي ۾ 30 ڏينهن 2024ع تائين توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي ڪارڊ هولڊر پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين سهولتن جو فائدو کڻي سگهندا جڏهن ته ڪابينا پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت جي عنصر کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي بلوچستان صوبي ۾ منشيات جي خاتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ هڪ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان خصوصي عدالت جو دائره اختيار ضلعي پنجگور، ڪيچ، گوادر، حب ۽ لسٻيلا تائين هوندو. ڪابينا هدايت ڪئي ته خصوصي عدالت ۾ سٺي شهرت جا ججز مقرر ڪيا وڃن ۽ پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. وفاقي ڪابينا سيفران جي سفارش تي افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشنز (پي او آر) ڪارڊز جي مدي ۾ پهرين اپريل 2024ع کان 30 جون 2024ع تائين توسيع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان توسيع سان پي او آر ڪارڊ هولڊرز پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين سهولتن جو فائدو کڻي سگهندا، انهن پي او آر ڪارڊ هولڊرز کي غيرقانون?? طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪي رهواسين کي وطن واپس ڪرڻ جي پروگرام جي ٽئي?? مرحلي ۾ پنهنجي وطن واپس موڪليو ويندو جڏهن ته بنا ڪنهن سڃاڻپ ڪاغذن جي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪي رهواسين کي وطن واپس موڪلڻ جو پهريو?? مرحلو جاري آه??. نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري ڪابينا کي پي آءِ اي جي نجڪاري عمل تي تازي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان 2 اپريل تي قومي اخبارن ۾ اظهار دلچسپي جا اشتهار شايع ٿي چڪا آه?? جن جي آخري تاريخ 3 مئي آه?? ۽ هيستائين ڪيترين ئي ڪمپنين پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آه??. ڪابينا پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت جي عنصر کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ايوي ايشن جي سيڪريٽري ڪابينا کي پاڪستان جي هوائي اڏ?? خاص طور تي لاهور ۽ ڪراچي ۾ سهولتن جي بهتري جي تازي قدمن تي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هوائي اڏن تي سروس ڪائونٽرز ۾ اضافو ڪيو ويو آه?? ۽ سهولتن جي وڌيڪ بهتري تي ڪم جاري آه??. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ سمورين ڌرين سان ڊرون پاليسي جي حوالي سان مشاورت حتمي مرحلي ۾ آه?? ۽ جلد ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي ايم اي پي) جي بورڊ جي چار ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 18 اپريل 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.