اسلام آباد – 18 – ??پريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ موسمياتي تبديلين جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن خاص طور تي 2022ع ج?? ٻوڏ سان تباهي کي منهن ڏيڻو پيو، موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ماحول دوست ۽ موسمياتي طور تي پائيدار بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، اهڙي طرح ماحول دوست ۽ صاف توانائي کي نيشنل انرجي مڪس جو بنيادي حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي، ماحول دوست توانائي سان اقت??اد?? ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا جنهن سان توانائي سستي ٿيندي.