اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا ??ي ڪابه قوم تعليم ۽ شعور کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل نٿي ڪري سگهي جيستائين قوم جي ڪروڙين ٻارن جي لاءِ تعليم جو بندوب??ت نه ٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين قائداعظم جي پاڪستان جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، دانش ??سڪولن جو دائرو اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪسمير، گلگت بلتستان ۽ ٻين صوبن تائين پڻ ڦهلايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??انش ??سڪول سائيٽ جي معائني جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم واري وفاقي وزير، وائيس چانسلر، استادن، سيڪريٽري تعليم، مختلف تعليمي ادارن جي سربراهن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ??رڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ قوم جي ٻارن ۽ ٻارڙين کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۾ جيڪي ڪوششون شروع ڪيون ويون هيون ان جي دائر?? ۾ ??وسيع ڪئي پئي وڃي. دانش ??سڪول ۾ اڪثر اهي ٻار داخل آهن ??يڪي ذهين آهن پر جن جي والدين وٽ تعليم جا وسيلا موجود نه هئا يا ??ن جا والدين هن ??نيا مان هليا ويا ??هن. الله جي فضل ۽ ڪرم سان دانش ??سڪول ۾ پڙهندڙ ۽ هتان فارغ ٿيندڙ قوم جا روشن ستارا ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا ??هن. وزيراعظم چيو ته جڏهن ??سان دانش ??سڪول جي شروعات ڪئي ته اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر اسان جو موقف هو ته جيڪڏهن ??ميرن جي ٻارن جي لاءِ ايچي سن ڪاليج جهڙا ادارا بڻجي سگهن ٿا ته غريب پر ذهين ٻارن جي لاءِ اهڙا اسڪول ڇو نٿا کلي سگهن. اسلام آباد ۾ اهڙيون زمينون موجود هيون جتي اميرن جي ٻارن جي لاءِ اسڪول کلي ويا ??هن ??يڪا سٺي ڳالهه آهي پر تعليم رڳو اميرن جي ٻارن جو حق نه آهي غريب جي ٻارن کي به جديد تعليمي سهولتون ملڻ گهرجن. انهي سوچ تحت اسان دانش ??سڪولن جو دائرو اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان تائين ڦهلائڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته دانش ??سڪول اسلام آباد جي لاءِ 10 ايڪڙ زمين فراهم ڪئي پئي وڃي جتي سمورين جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته سمورن صوبن جي وڏن وزيرن جي مشاورت سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏورانهن ??لائقن ۾ اهي اسڪول ٺاهيا ويندا، اسان جي ڪوشش هوندي ته انهن ??لائقن جي هر ڊويزن ۾ اهي اسڪول ٿين. گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏورانهن ??لائقن ۾ دانش ??سڪولن جي قيام جي لاءِ سئو سيڪڙو وسيلا وفاق پاران فراهم ڪيا ويندا ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته ان کان وڏي قومي خدمت نٿي ٿي سگهي. 26 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي ڳڻتي جوڳي انگ کي ”مجرماڻي غفلت“ قرار ڏيندي وزيراعظم چيو ته قائداعظم جو پاڪستان بابت خواب ان جي تعليم جي انتظام ڪرڻ کانسواءِ اڌورو رهندو، ان لاءِ تعليم کي هنگامي شعبو قرار ڏينداسين ۽ صحيح معنيٰ ۾ قومي ۽ عوامي وسيلا پنهنجي ٻارن تي نڇاور ڪنداسين ڇو ته ڪا به قوم تعليم ۽ شعور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم چيو تهپ نجاب ۾ محمد نواز شريف جي قيادت ۾ 2 لک استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو، قوم جي لکين ٻارن ۽ ٻارڙين کي محنت ۽ قابليت جي بنياد تي ڪلاشنڪوف بدران ليپ ٽاپ جا تحفا ڏنا. اڄ الحمدالله ان جي ڪري اهي پنهنجي محنت سان حلال روزي ڪمائي رهيا ??هن. انهن ليپس ڪوويڊ 19 جي وبا جي دور ۾ تعليم جي فراهمي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ليپ ٽاپس اسڪيم تي به اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر اسان کي ڪو فرق نٿو پوي ڇو ته جيڪڏهن ??ميرن جي ٻارن جي لاءِ جديد تعليمي ادارا کلي سگهن ٿا ته غريب ۽ يتيم ٻارن جي لاءِ به اهڙيون سهولتون ڪرڻيون پونديون جيستائين قوم جي ڪروڙين ٻارن جي لاءِ تعليم جو بندوب??ت نٿو ڪيو وڃي قائداعظم جي پاڪستان جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته دانش ??سڪولن جو ڄار سڄي ملڪ ۾ وڇايو ويندو ته جيئن جن ٻارن تي مهانگي تعليمي ادارن جا دروازا بند آهن ??نهن ??ي لاءِ دانش ??سڪول جا دروازا کليل هجن. هي اهو خواب آهي جنهن ??ي لاءِ سمورا قومي وسيلا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ان عظيم قومي خدمت ۽ نيڪ ڪم ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ عهديدارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي اسڪولن ۾ دانش ??سڪولن جي پي سي ون جي منظوري کانپوءِ انهن ??سڪولن جي پيڙهه جو پٿر پاڻ رکندس. هن ??عليم واري وزارت کي چيو ته اها 6 کان 8 مهينن ۾ ان جي تڪميل کي يقيني بڻائي. هن ??زاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ قائم ٿيندڙ دانش ??سڪولن جو ذاتي طور تي افتتاح ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.