اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آه?? ته هو بشام ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي کانپوءِ چيني حڪومت سان رابطي ۾ آه?? جنهن ۾ 5 چيني شهرين جي جانين جو زيان ٿيو. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ??ي لاءِ پرعزم آه??ون. هن چيو ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون هر قسم جي دهشتگردي کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آه??، اسان کي ان ۾ ڪو شڪ نه آه?? ته بشا?? دهشتگرد حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان چيو ته اسان گڏجي اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.