اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوٽ ڊي واغ سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوٽ ڊي واغ کي ??اڪستاني چانور، طبي ۽ جراحي اوزارن، دوائن ۽ راندي?? جي ساما?? جي برآمدات وڌائڻ جا تمام وڌيڪ امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ون?? موجب صدر ڪوٽ ڊي واغ (آئيوري ڪوسٽ) لاءِ پاڪستا?? جي نامزد سفير محمود اختر محمود سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جا ڪوٽ ڊي واغ سان خوشگوار لاڳاپا آهن، نامزد سفير آئيوري ڪوسٽ سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جا موقعا ڳولي. صدر ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ دوستي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سفير ڪوٽ ڊي واغ سان عوامي رابطن کي ??روغ ڏيڻ جا امڪان پڻ ڳولي، هو ڪوٽ ڊي واغ سان ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صدر آصف علي زرداري محمود اختر محمود کي ڪوٽ ڊي واغ ۾ بطور پاڪستاني سفير مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني.