اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي، اڄ ريڊيو جديد ٽيڪنالاجي سان پنهنجي ٻڌندڙن کي فوري معلومات فراهم ڪري رهيو آهي، ريڊيو هڪ اهڙي درسگاهه بڻجي چڪو آهي جيڪو نوجوانن کي تربيت ۽ تعليم تائين پهچ فراهم ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڦيٿو ڪاٽي پ??ڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات تي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سميت سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي ريڊيو جي پ??وگرامن جي لاءِ تربيت جو بي مثال ادارو هو جيڪو مالي مشڪلاتن جي ڪري غيرف??ال ٿي ويو هو. هن چيو ته اڄ هن اڪيڊمي کي ٻيهر ف??ال ٿيندي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته م??ون پاڻ سنڌي، سرائيڪي، پنجابي ۽ انگريزي سميت ڪيتريون ئي زبانون ريڊيو جي مدد سان سکيون آهن. هن چيو ته م??جوده دور جا نوجوان خوش قسمت آهن، اسان جي دور ۾ انٽرنيٽ جهڙيون جديد سهولتون ميسر نه هيون. هن چيو ته اڄ ريڊيو جديد ٽيڪنالاجي سان پنهنجي ٻڌندڙن کي معلومات فراهم ڪري رهيو آهي، ريڊيو هڪ اهڙي درسگاهه بڻجي چڪو آهي جيڪو نوجوانن کي تربيت ۽ تعليم تائين پاڻ هلي پهچ فراهم ڪري رهيو آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي جيڪا پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي نوجوانن کي زوم ذريعي پنهنجي تربيتي پ??وگرامن ۾ شامل ڪري رهي آهي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا جي ڪنهن به حصي مان ريڊيو جي پ??وگرامن جو حصو بڻجي سگهجي ٿو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ريڊيو پاڪستان اڪيڊمي جي پهرين تربيتي پ??وگرام ۾ سڄي پ??ڪستان مان نوجوانن جي شرڪت حوصلي جوڳي آهي. هن چيو ته م??ڊيا نئين انقلاب خاص طور تي م??نو??ي ذهانت جي تصور سان هم آهنگ ٿي چڪي آهي، هن اڪيڊمي جي ذريعي ريڊيو پاڪستان جي عملي کي به تربيت فراهم ڪئي ويندي. واضح رهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي پهرين تربيتي پ??وگرام ۾ 107 نوجوان شريڪ ٿي رهيا اهن جن ۾ 35 عورتون شامل آهن.