لاهور-08 فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چي?? آهي ته ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ آهن ته هڪ پارٽي کي اڪثريت ملڻ ضروري آ??ي. ??ميس ڏينهن لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چي?? ته عوام گهرن مان نڪري ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪري. انشاءُ الله مهانگائي جو خاتمو ٿيندو ۽ ماڻهو خوشحال زندگي گذاري سگهندا. اها ئي ماڻهن جي خواهش آهي ۽ ان خواب کي پورو ٿيڻ گهرجي. هن چي?? ته اسان جي منشور ۾ سڀ شيون تفصيل سان لکيل آهن ته عوام جا حق سندن در تائين پهچايا ويندا. مريم نواز کي پنجاب جي وزيراعليٰ بڻائڻ جي سوال تي ليگي قائد چي?? ته پارٽي لاءِ مريم نواز ۽ شهباز شريف جون وڏيون قربانيون آهن، مريم جو نتيجي کانپوءِ فيصلو ٿيندو، اهو پارٽي فيصلو ڪندي، بنا شڪ جي شهباز شريف ۽ مريم جون پارٽي لاءِ بي پناهه قربانيون ۽ جدوجهد آهي.