اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) شريف ۽ زرداري خاندان سميت ملڪ جي ڪيترن ئي اهم سياستدان جا رت جا رشيدار اڄ خميس ڏينهن ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي مختلف تڪن تان اميدوار آهن. مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ٻه پٽ، اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سندس ٻه پٽ، پنجاب جو اڳوڻو گورنر مخدوم سيد ??حمد محمود جا ٽي پٽ عام چونڊن ۾ ح??و وٺي رهيا آهن. تفصيلن موجب اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره ۽ اين اي 130 لاهور تان اميدوار آهي، جڏهن ته سندس ڌيءَ مريم نواز شر??ف لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 119 تان اميدوار آهي. اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 123 لاهور ۽ اين اي 132 قصور تان چونڊن ۾ ح??و وٺي رهيو آهي، جڏهن ته سندس پٽ حمزه شهباز شر??ف لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 118 تان اميدوار آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 207 شهيد ??ينظير آباد تان اميدوار آهي جڏهن ته سندس پٽ ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اين اي 127 لاهور، اين اي 194 لاڙڪاڻو ۽ اين اي 196 شهدادڪوٽ تان چونڊن ۾ ح??و وٺي رهيو آهي. اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 148 ملتان تان چونڊن ۾ ح??و وٺي رهيو آهي جڏهن ته سندس پٽ سيد ??لي موسيٰ گيلاني اين اي 151 ملتان ۽ عبدالقادر گيلاني اين اي 152 ملتان مان چونڊن ۾ ح??و وٺي رهيا آهن. جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن اين اي 44 ڊيره اسماعيل خان ۽ اين اي 265 پشين مان اميدوار آهي جڏهن ته سندس پٽ مولانا اسعد محمود اين اي 43 ٽانڪ ۽ ٻيو پٽ اسجد محمود اين اي 41 لک مروت تان اميدوار آهن. پنجاب جي اڳوڻي گورنر سيد ??حمد محمود جا پٽ مرتضيٰ محمود اين اي 169 رحيم يار خان، اين اي 173 رحيم يار خان تان سيد مصطفيٰ محمود ۽ اين اي 174 رحيم يار خان تان عثمان محمود چونڊن ۾ ح??و وٺي رهيا آهن. پنجاب جو اڳوڻو گورنر ذوالفقار خان کوسو جو پٽ دوست محمد خان کوسو اين اي 185 ۽ 186 جڏهن ته سندس پٽ سيف الدين کوسا اين اي 184 ڊيره غازي خان تان چونڊن ۾ ح??و وٺي رهيا آهن. قصور مان اين اي 134 تان رانا محمد حيات ۽ اين اي 135 تان رانا محمد اسحاق چونڊن ۾ ح??و وٺي رهيا آهن جيڪي ٻئي سڳا ڀائر آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 150 ملتان تان اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو پٽ زين قريشي جڏهن ته اين اي 151 ملتان تان سندس ڌيءَ مهر با??و قريشي چونڊن ۾ ح??و وٺي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين 94 چنيوٽ تان قيصر احمد شيخ جڏهن ته اين اي 237 ڪراچي ايسٽ تان سندس پٽ ريحان قيصر احمد شيخ چونڊن ۾ ح??و وٺي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 62 گجرات تان موسيٰ الاهي ۽ اين اي 63 تان حسين الاهي اميدوار آهن جيڪي چوڌري وجاهت حسين جا پٽ آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 49 اٽڪ تان ميجر (ر) طاهر صادق اميدوار آهي جڏهن ته اين اي 50 تان سندس ڌيءَ ايمان طاهر چونڊن ۾ ح??و وٺي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 43 ٽانڪ ۽ اين اي 41 لڪي مروت تان ترتيبوار انور سيف الله ۽ سليم سيف الله خان اميدوار آهن جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن. ان کانسواءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪيترائي اميدوار پاڻ ۾ رت جا رشتيدار آهن.