اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) فري اينڊ ف??ئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) عام چونڊ ۾ جنرل سيٽن تي سياسي پارٽين جي عورت اميدوارن بابت جائزه رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. فافن طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق عام چونڊ ۾ جنرل سيٽن تي 111 سياسي پارٽين جون 275 عورت اميدوار آهن. عورت اميدوار قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي سياسي پارٽين جي نامزد 6037 اميدوارن جو 4.6 سيڪڙو آهن. فافن اهو ت??زيو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ چونڊ اميدوارن جي فارم 33 جي بن??اد تي ڪيو آهي. ڪل 111 سياسي پارٽين مان 30 پارٽين 5 سيڪڙو کان وڌيڪ عورت اميدوار نامزد ڪيا. چئن سياسي پارٽين 4.5 سان 5 سيڪڙو جي شرح سان عورت اميدوار نامزد ڪيا. 77 پارٽين 4.5 سيڪڙو ت??ئين عورت اميدوار نامزد ڪيون. قومي اسيمبليءَ جي چونڊ تڪ تي 94 پارٽين جا 1872 اميدوار 4.91 سيڪڙو يعني 92 عورت اميدوار آهن.