برسلز – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگرا?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني بيلجيئم جي هم منصب حدجه لهبيب سان برسلز ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ بابت امڪانن جو جائزو ورتو. پرڏيهي آ??يس پاران جاري بيان موجب ملاقات دورا?? پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، تعليم ۽ عوامي سطح ت?? رابطن جي فروغ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو. انهن جو چوڻ هو ته گڏيل خوشحالي جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي.