اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سريلنڪا سان ٻطرفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻو پوندو. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن سريلنڪا جي لاءِ نامزد پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز سان ڳالهائيندي ??يو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي جي وچ ۾ 7 ڏهاڪن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، سريلنڪا سان معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻا پوندا. ??در چيو ته ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي بابت خيرسگالي جي جذبن کي مضبوط اقتصادي رابطن ۾ بدلائڻو پوندو. هن پاڪستان ۾ ٻڌمت ورثي جي جاين جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪيو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز کي سريلنڪا ?? پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.