اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه جي عوام تي جار?? ظلم ۽ ڏاڍ تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي جنين جي ابن سينا اسپتال تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??تاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو واقعو اسپتالن جي خ??اف غيرانساني جنگ جي سلسلي جو تازه ترين واقعو آهي جيڪو فلسطيني عوام جي خ??اف جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته اهي جار?? ظلم غزه جي ماڻهن جي تحفظ جي لاءِ انصاف جي عالمي عدالت پاران طئي ڪيل عارضي قدمن جي روح جي خ??اف آهن. ترجمان چيو ته غزه ۾ جاري جنگ ۽ مصيبتن جي وچ ۾ وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي لاءِ فنڊز جي معطلي پڻ انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي قدمن جي روح جي خ??اف آهي جنهن ۾ ضروري خدمتن ۽ انساني امداد جي فراهمي جو مطالبو ??يو ويو آهي. ترجمان چيو ته اسان غزه ۾ فلسطينين کي درپيش مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ معطل ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا جنهن جو فلسطيني عوام جي تحفظ ۽ حمايت ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر، لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون م??جب فلسطيني عوام جي انساني حقن، وقار ۽ سڃاڻپ کي برقرار رکڻ جي لاءِ انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد جو به مطالبو ??ري ٿو. انهن عارضي قدمن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ غزه جي عوام کي درپيش مصيبتن جي خاتمي لاءِ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي ضرورت آهي، تنهن ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي جنگبندي لاڳو ڪرڻ ۽ غزه جي عوام کي جار?? ظلمن کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو لازمي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.