ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي ل??ءِ لازمي آهي، ڪم ڪار وارين جاين تي سازگار ماحول سان خصوصي ماڻهو پنهنجو صلاحيتون مڃرائي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايمپلائيرز فيڊريشن آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گورنر هائوس ۾ مجيد عزيز جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي بزنس ڊس ايبلٽي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ بابت ٻڌايو. وفد پيشيواراڻي سيفٽي، صنفي برابري ۽ ليبر مارڪيٽ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حو??لي سان فيڊريشن جي ڪردار بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ تعاون ڪرڻ گهرجي، معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي ل??ءِ لازمي آهي. صدر چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي سازگار ماحول سان خصوصي ماڻهو هڪ جهڙي طور تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي خصوصي ماڻهن جي شموليت ۽ ان حو??لي سان شعور ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تازن سالن ۾ روزگار سان لڳل عورتن جي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. صدر چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جا خاتمي جا ق??نو?? ۽ بهتر ماحول روزگار سان لڳل عورتن جي انگ ۾ اضافي جو سبب آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نوڪريون ۽ روينيو پيدا ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي، فيڊريشن انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏي. صدر هنرمند افرادي قوت جي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ قبوليت جي ل??ءِ نيشنل اسڪلز پاسپورٽ پروگرام کي پڻ ساراهيو. هن معذور ماڻهن جي ورڪ فورس ۾ شموليت تي ڌيان ڏيڻ تي فيڊريشن جي ڪوششن کي ساراهيو.