اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير عصم?? الله نصرالد??ن الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عصم?? الله نصرالدين جي پاڪستان تاجڪستان لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم تاجڪ سفير مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان مان ايندڙ سفير به اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. تاجڪ سفير عصم?? الله نصرالدين پاڪستان تاجڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پراڻو ۽ تاريخي قرار ڏنو. تاجڪ سفير پاڪستان ۾ پنهنجي قيام کي يادگار ۽ پاڪستاني مهمان نوازي کي ساراهيو. تاجڪستان جي سفير نگران وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃيا.