اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ??يو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي چار??ر جي آرٽيڪل 99 تحت عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل جي ان مطالبي کي ساراهيندي ان جي حمايت ڪري ٿو جنهن ۾ سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ويو آهي ته اها غزه ۾ انساني تباهي کي روڪي ۽ فوري جنگبندي جو اعلان ڪري. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي فلسطينين جي جانين جي تحفظ ۽ ان سانحي کي روڪڻ جي لاءِ هاڻي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.