اسلام آ??اد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پا??ستان جي ترقي ۾ بوهره برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پا??ستان جي حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار دائودي بوهره برادري جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي قيادت ۾ بوهره برادري جي 8 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پا??ستانين بابت خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرف پڻ شريڪ هو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي پا??ستان جي د??ري جي آجيان ڪندي بوهره برادري جي پا??ستان جي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي تعليمات ۾ ماحولياتي آلودگي گهٽ ??رڻ ۽ صفائي سٿرائي جي موضوعن تي خاص ڌيان کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پا??ستاني حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي پا??ستان جي لاءِ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر مفضل سيف الدين کي سندس پا??ستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ مليل نشان پا??ستان تي کيس ??با??ڪ??اد ڏني. بوهره برادري جي وفد نگران وزيراعظم کي عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هاڃيڪار اثرن کي اجاگر ??رڻ جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان پ??ري عالم جي انسانيت کي خطرو لاڳو آهي، مذهبي پيشوائن کي پنهنجي تعليمات ۾ ان اهم موضوع تي تسلسل سان ڳالهه ??رڻ گهرجي. وفد نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۾ هر مذهب ۽ رنگ ۽ نسل جا ماڻهو موجود آهن ۽ انهن کي برابري جا حق حاصل آهن، بوهره برادري پا??ستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ملڪ جي هر شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته بوهره برادري اڳتي به پا??ستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ائين ئي اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.