اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اولهه ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اسرائيل کي اهو احساس ڏياري سگهجي ته غزه جنگ جا اثر خطي کان ٻاهر ٿي سگهن ٿا، اسان کي مختلف اولهندي گادي وارن شهرن خاص طور تي واشنگٽن ۽ لنڊن سان رابطي جي ضرورت آهي ته جيئن اهي اسرائيل کي اهو باور ڪرائين ته اسرائيل نه رڳو ??طي کي غيرمستحڪم ڪري رهيو آهي پر شايد ان جو خطي کان ٻاهر به اثر پوندو. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن عرب نيوز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو ته ڇا پاڪستان جي حڪومت کي آمريڪا پاران اسرائيل جي خلاف پنهنجي موقف ۾ لچڪ جي ڪا درخواست ملي آهي. ان جي جواب ۾ انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته مون کي ??هڙ?? ڪنهن درخواست جي ڄاڻ نه آهي، ??هڙ?? ڪا به درخواست منهنجي خيال ۾ غيرحقيقي آهي، ڪنهن کي ??هڙ?? واقعن تي خاموش رهڻ جي درخواست ڪرڻ جو سوچڻ به کل جوڳو ??هي. هن فوري طور تي ”تشدد جي خاتمي“ جو مطالبو ڪندي غزه تي اسرائيل جي حملي کي ”واضح طور تي نسل ڪشي“ قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته هو هن هفتي جي آخر ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي هڪ غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ رياض و??ند?? جنهن ۾ فلسطين تي اسرائيل جي حملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ند??. نگران وزيراعظم چيو ته ٻارن کي ماري اهو نٿو چئي سگهجي ته اهو پنهنجي دفاع جو حق آهي، اهو وحشياڻي انتقامي ڪارروائي جو لائيسنس آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلمان عالمي آبادي جو 24 سيڪڙو آهن جڏهن ته هڪ ارب 80 ڪروڙ مسلمانن جو ڪردار سواليه نشان آهي. هن چيو ته اسان کي ان پوري مسلمان آبادي کي اهو سوچڻ جي ضرورت آهي ته عالمي سطح تي اسان جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪهڙو تعاون آهي، اهي 50 کان وڌيڪ مسلمان ملڪ پنهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جون دفاعي صلاحيتون تيار ڪري رهيا آهن.