جده-27 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آء?? سي) جي ج??رل سيڪريٽري عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لا??ِ ٺوس قدم کڻي. 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀا??ت جي ناجائز قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا آهن. او آء?? سي جي ج??رل سيڪريٽريٽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڀا??ت جي غير قان??ني قبضي ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام جي حق خوداراديت واري حق سميت ان جي حقن لا??ِ او آء?? سي جي حمايت جو عزم ورجايو. ج??رل سيڪريٽريٽ اسلامي سربراهي اجلاس ۽ او آء?? سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي فيصلن ۽ قراردادن جو حوالو ڏيندي ڀارت تي زور ڀريو ته هو پنهنجي غير قان??ني ڏاڍ ۽ ڄمون ڪشمير جي ماڻهن جي بنيادي انساني حقن جو احترام ڪري ۽ ان علائقي جي بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل غير قان??ني ۽ هڪ طرفن قدمن کي واپس وٺي.