اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ پاڪ??تا??ي سفارتخاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشمير جي حوالي سان ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جا خصوصي پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. جن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪ??تا?? جي مسلسل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي ڳانڍاپي ۽ حمايت کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي ت?? چين جي ناليواري اسڪالر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماهر ڪيان فينگ به خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي هيڊ آف مشن بلال م??مو?? چوڌري چيو ته پاڪ??تا?? انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي جن گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قبضي تحت تمام گهڻو ظل?? برداشت ڪيو آهي. هن ڪشميري عوام جي منصفاڻي مقصد جي لاءِ پاڪ??تا?? جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. بلال م??مو?? چوڌري عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجو ??حي?? ڪردار ادا ڪري. سفارتخاني ان موقعي ت?? هڪ تصويري نمائش جو به اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوهن کي ڏيکاريو ويو. ياد رهي ت?? 76 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت بنا ڪنهن قانوني جواز جي ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست تي زبردستي قبضو ڪيو هو، ان کانپوءِ ڀارت ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي.