اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر ملاقات ڪئي. مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنه?? ملڪن ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن ۽ ٻنه?? ملڪن جا ماڻهو هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽر??ننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئ?? ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. مدد علي سنڌي شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪندي چيو ته خاص طور تي هنرمند پيشيوراڻي تربيت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، هن چيو ته ٻنه?? ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جيڪو ٻنه?? ملڪن وچ ۾ مفاهمت نامي تي صحيح جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر چيو ته ايٿوپيا جي عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي آهي، هن چيو ته يونيورسٽي سان يونيورسٽي تعون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ايٿوپيا جا ڊاڪٽر رضاڪاراڻي طور تي 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان کي مفت خدمتون فراهم ڪيون، ايٿوپيا جي سفير وفاقي وزير کي ايٿوپيا جو دورو ڪرڻ ۽ اتي طئي ٿيل ايم او يو تي صحيح ڪرڻ جي دعوت ڏني، مدد علي سنڌي چيو ته هي ماڻهن کي نوڪريون ڳولڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو، وفاقي وزير سفر جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ٻنه?? ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، وزير چيو ته ٻنه?? ملڪن جي گڏيل تاريخ آهي. هن چيو ته ٻنه?? ملڪن کي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي.