باڪو -10 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي سهڪار ??نظ??م اي سي او جي مي??بر ملڪن جي وزيرن جي ڪائونسل جو 27 هون اجلاس اڱاري کان آذربائيجان جي ميزباني ۾ شروع ٿي ويو. ان کان اڳ اقتصادي سهڪار ??نظ??م جي مي??بر ملڪن ??ي اعليٰ سطحي عهديدارن جو اجلاس منعقد ٿيو آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير اجلاس جي صدارت ڪئي. اقتصادي سهڪار ??نظ??م جو اجلاس آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ منعقد ٿيندڙ اي سي او جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27هين ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪستان جو نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني آذربائيجان ۾ ٿيندڙ وزيرن جي ڪائونسل ??ي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سميت اقتصادي سهڪار ??نظ??م جي مي??بر ملڪن جا پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستاني پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم)??ي اجلاس جي موقعي تي مي??بر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. اقتصادي سهڪار ??نظ??م ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان کان علاوه ترڪيه، ايران، افغانستان، قزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آهن.