اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته رياست پاڪستان ??ي رياست جي نمائندگي حڪومت جا ادارا ڪن ٿا، ڪو به غيررياستي ۽ غيرحڪومتي شخص رياست جي نمائندگي نه ٿو ڪري سگهي. صحافي انصار عباسي جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ اط??اعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪستان ??ي رياست جي نمائندگي رياست ۽ حڪومت جا ادارا ڪن ٿا، اسان جي حڪومت ڪنهن ??يررياستي ۽ غيرحڪومتي شخص يا اداري کي اهڙي ڪنهن ??ه سرگرمي جي لاءِ نه نامزد ڪيو ۽ نه ئي ڪو اهڙو شخص يا ادارو رياست يا حڪومت جي نمائندگي ڪري سگهي ٿو.