اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) پا??ستان افغان پرڏيهي وزارت پاران طورخم ۾ پا?? – افغان سرحد جي بندش بابت افغان پرڏيهي وزارت جي بيان کي حيران ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته عبوري افغان عملدار طورخم تي پا??ستان افغانستان سرحد جي عارضي بندش جي سببن کي چڱي ريت ڄاڻين ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته پا??ستان پنهنجي سرزمين جي اندر عبوري افغان حڪومت پاران ڪنهن به ڍانچي جي تعمير کي قبول نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته اهو ان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته 6 سيپٽمبر تي جڏهن افغان فوجين کي اه??ي قسم جي غيرقانوني ڍانچي کي بيهارڻ کان روڪيو ويو ته هنن پرامن حل بدران اشتعال انگيز فائرنگ جو سهارو ورتو، پا??ستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو، طورخم بارڊر ٽرمينل جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچايو ۽ پا??ستان ۽ افغان شهرين جي جانين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ترجمان چيو ته پا??ستاني سرحد چوڪين تي اه??ي قسم جي اشتعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ کي ڪنهن به صورت ۾ جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي اشتعال انگيز فائرنگ سان دهشتگرد عنصرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، انهن عنصرن جي افغانستان جي اندر پناهگاهون آهن جنهن جي تصديق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي معاونت ۽ پابندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڪئي آهي. هن چيو ته اسان سدائين چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان سان سرحد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ دوستي جي سرحد هجي، اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي کليل دل سان ميزباني ڪئي آهي، پا??ستا?? پاڪ افغان سرحد تي مقرر افغان فوجي?? پاران مسلسل بنا جواز اشتعال انگيزين جي باوجود تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني آهي. ترجمان چيو ته عارضي بندش رڳو انتهائي صورت ۾ ٿيندي آهي، جيئن ته سرحد تي 6 سيپٽمبر 2023ع جو واقعو يا جڏهن افغان سرزمي?? پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هن چيو ته افغان پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ پا??ستاني معيشت ۽ پرڏيهي واپار بابت ڪجهه غيرلاڳاپيل تبصرا ۽ اڻوڻندڙ مشورا به شامل آهن. ترجمان چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کا?? پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. جيتوڻيڪ پا??ستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي غلط استعمال جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته پا??ستان سڀني ٻطرفن مسئلن ۽ خدشن کي تعميري ڳالهه ٻوله?? جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ت?? جيئن ٻئي ملڪ اقتصادي رابطن ۽ ان جي نتيجي ۾ خوشحالي جو فائدو کڻي سگهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري عملدار پا??ستان جي خدشن کي ??هن ۾ رکندا. پا??ستان جي علائقائي سالميت جو احترام ڪندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته افغان سرزمي?? پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن جي لاءِ لانچنگ پيڊ جي طور تي استعمال نه ٿئي.