اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي، ته رليف جي حوالي سان آءِ ايم ايف طرفان اڄ يا سڀاڻي جواب اچي ويندو ۽ اميد آهي ته ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي ٿيڻ بعد هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ عوام لاءِ رليف جو اعلان ڪيو ويندو. بجلي چوري سبب بجلي جي بلن جي ادائگي ڪندڙ صارفين کي بجلي جو وڌيڪ اگهه ادا ڪرڻو پوندو آهي. هر علائقي ۾ بجلي چوري ۽ رڪوري جي صورتحال مختلف آهي. گهريلو صارفين ۾ ڪجهه بجلي چوري ڪندا آهن ۽ ڪجهه بل ئي ادا نه ڪندا آهن جنهن ڪري بل ادا ڪندڙ صارفين تي بار پوندو آهي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چ??و ته نگران وزيراعظم جي هدايت تي بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ 10 ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون موجود آهن. اسلام آباد، لاهور، گجرانوالا، فيصل آباد، ۽ ملتان جي ??سٽري بيوشن ڪمپنين ۾ 79 ارب يونٽن جو نقصان ٿيندو آهي، رڳو 5 ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي 344 ارب رپين جي بلنگ مان 100 ارب رپين جو نقصان آهي. جڏهن ته پشاور، حيدرآباد، ڪوئٽا، سکر ۽ قبائلي علائقن/ اي جي ??ي ۾ 489 ارب رپين جو نقصان آهي ۽ انهن 5 ڪمپنين جي 60 سيڪڙو به رڪوري ناهي ٿيندي. توانائي واري نگران وزير چ??و ته ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي چوري جي شرح تمام وڏي آهي، مردان ۽ شڪارپور ۾ بجلي جي نقصان جي شرح تمام وڌيڪ آهي. جن علائقن ۾ بجلي جي ??وري وڌيڪ آهي انهن جي ??يٽا وڌيڪ موجود آهي. مردان جي رڳو ??ڪ علائقي مان هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان آهي. هن چ??و ته جن علائقن ۾ 50 کان 60 سيڪڙو چوري آهي اتي خانگي شعبي کي شامل ڪيو ويندو. توانائي واري وزير چ??و ته بجلي چوري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 3 قدم کنيا آهن. بجلي جي ??هٽ چوري ڪندڙ علائقن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. 60 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي چوري واررن علائقن ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو. ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي انتظاميه جي ??ارڪردگي کي بهتر ڪيو ويندو. هن چ??و ته بجلي چوري ۾ ملوث اهلڪارن جي پڻ فهرست تيار ڪئي وئي آهي. بجلي چوري خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ فيڊرن جي ??يٽا حاصل ڪئي آهي. بجلي چوري ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن جو بدليون ڪيون وينديون جن جي فهرست اليڪشن ڪميشن کي پڻ اماڻي وئي آهي. بجلي چوري جي حوالي سان اليڪٽرڪ سٽي ٿيفٽ ڪنٽرول ايڪٽ به تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ توانائي واري وزارت م اهي قدم کنيا پيا وڃن ڇاڪاڻ ته اسان جو هدف آهي ته 589 اربن جي ??وري کي گهٽائي سگهجي. هن چ??و ته ٻن کان ٽن هفتن م قانوني ڊرافٽ تيار ٿي ويندو. مسودو تيار ٿيندي ئي آرڊيننس جي منظوري لاءِ اماڻيو ويندو. هن چ??و ته ورڇيندڙ ڪمپنين جا انتظامي معاملا به غور هيٺ آهن. هن چ??و ته پي پي ايم سي تحت اسلام آباد ۾ ڊيش بورڊ ٺاهيو ويو آهي ۽ بجلي چوري جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ اسپيشل ڪورٽون قائم ڪرڻ لاءِ غور ڪيو پيو وڃي، هر ڊسڪو جي ??ارڪردگي کي مانيٽر ڪيو ويندو. نگران وفاقي وزير چ??و ته سڄي دنيا ۾ بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جو ڪنٽرول صوبن وٽ هوندو آهي، صوبائي سطح تي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ سان بجلي چوري تي ضابطو آندو ويندو. هن وڌيڪ چ??و ته ڊسڪوز کي صوبن جي حوالي سان ڪرڻ ۽ نجڪاري جو آپشن به غور هيٺ آهي. هن چ??و ته اسان جي ملڪ ۾ جيتري بجلي ٺهندي آهي اها حڪومت خريد ڪندي آهي، ماضي جي ??يپيسٽي پيمنٽس سان گڏوگڏ سسٽم کي اپگريڊ ناهي ڪيو ويو. نگران وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف کي پلان اماڻيو ويو آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف طرفان اڄ يا سڀاڻي جواب اچي ويندو ۽ اميد آهي ته ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي ٿي ويندو. ايندڙ هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ عوام لاءِ رليف جو اعلان ڪيو ويندو. ان موقعي تي توانائي واري سيڪريٽري راشد لنگڙيال چ??و ته ڪيترن ئي علائقن م بجلي جي ??وري زبردستي ڪئي ويندي آهي. سيڪريٽري پاور ڊويزن چ??و ته خصوصي ٽاسڪ فورس جو مقصد چوري روڪڻ آهي جڏهن ته ڪرمنل ايڪٽ بابت فيصلو صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو اختيار آهي. هن چ??و ته ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي غير سياسي ڪيو ويندو.