اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب روات ۾ ريڊيو پاڪستان جي ڊي آر ايم 1000 ڪلو واٽ ڊيجيٽل ميڊيم ويو ٽرانسميٽر هڻڻ جي منصوبي جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪ??دي چيو آهي ته اهو منصوبو ريڊيو پاڪستان ۾ انقلاب آڻيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ريڊيو پاڪستان جي ڪارڪردگي کي عالمي معيار موجب بڻائي??دي جيڪو ان جي معيار ۽ پهچ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اسان جي مشن ۾ اهم سنگ ميل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ٽرانسميٽر هڻڻ ۽ شروع ٿيڻ کانپوءِ ريڊيو پاڪستان جي نشريات کي ڪيترن ئي ٻين ملڪن تائين وسعت ڏيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ٽرانسميشن کي چار مختلف سگنلز جي قابل بڻائيندي، ان سان توانائي جي ??چت ٿي??دي جڏهن ته بجلي جي استعمال ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي ٿي??دي جيڪو ريڊيو پاڪستان جي لاءِ لاڳت ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته مون کي اهو اعلان ڪ??دي به خوشي ٿي رهي آهي ته اط??اعات واري وزارت روات ۾ پاڪستان جو پهريون ميڊيا سٽي قائم ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.